عثمان هاروني خواجه جي مزار

عثمان هاروني خواجه جي مزار

عثمان هاروني خواجه

عثمان هاروني، خواجه: خواجه عثمان هاروني ٻارهين عيسوي صدي ۾ قادريه سلسلي جو نامور بزرگ ٿي گذريو آهي. ڪتاب ‘عَوَارف المتعارف’ جو مصنف رحيمداد خان مولائي شيدائي جي قلمي ڪتاب ‘سفينة النوح’ جي حوالي سان لکي ٿو ته خواجه عثمان خراسان جي شهر نيشاپور جي ويجهو هڪ ڳوٺ جو رهندڙ هو. پاڻ شيخ شهاب الدين سهروردي جو مريد هو. خواه معين الدين چشتي اجميري شروع ۾ شيخ ابراهيم قندوزي رحه کان فيض حاصل ڪرڻ بعد، سندن شاگردي ۾ اچي کانئس خرقو حاصل ڪيو. مظهر شاهجهانيءَ ۾ به هن بزرگ جو ذڪر آهي. مظهر شاهجهانيءَ جو ليکڪ لکي ٿو ته “خواجه هاروني، خواجه محي الدين چشتي جو استاد آهي. هي بزرگ سنڌ جي سفر تي نڪتو هو پر اڳتي سندس پيرو ڪو نه ٿو لڳي. هي مزار لڪيءَ وارن چشمن کان ٻن ٽن ميلن جي مفاصلي تي جبلن ۾ آهي.” حاڪم علي شاهه بخاريءَ جي چوڻ موجب “اوڀر ۾ جبل جي ٻي قطار لنڊي آهي. اهي ٻئي قطارون متوازي هلن ٿيون، انهن ٻنهي جي وچ مان گهٽ ۾ گهٽ 700-600 فوٽ ويڪر پڻ آهي. اهو دڳ ڏئي اسان شيخ هاروني طرف ويا هئاسون.”پاڻ سنڌ ۽ هندستان سميت ڪيترن ئي ملڪن جو سفر ڪيو هئائين. هندستان جي سفر دوران آتشخائيءَ جي ڀرسان آتش پرستن سان مذهبي بحث ٿيو، جتي باهه مان گذرڻ واري معجزي سبب ڪي آتش پرست مسلمان پڻ ٿيا. پاڻ شيخ شهاب الدين سهرورديءَ جي خدمت ۾ رهي فيض به حاصل ڪيو هئائين. سندس مزار تيرٿ ڌارا کان 6 ميل پري ديهه ۽ تپي لڪي، تعلقي ڪوٽڙيءَ ۾ آهي، جيڪا 50 کان 60 وال ڊگهي آهي. مقامي ماڻهو عقيدت سبب چانڊوڪي راتين ۾ مٿس محفلون مچائي راڳ رنگ پڻ ڪن ٿا. سندس مزار عقيدتمندن لاءِ عام زيارتگاهه آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو